حسين بخش خادم

حسين بخش خادم

حسين بخش خادم

حسين بخش ’خادم‘: ناليوارو شاعر ۽ راڳي حسين بخش خادم سروري ولد پير بخش ڀنگر، ڳوٺ سليمان خان کٽياڻ، تعلقي سيوهڻ ضلعي دادوءَ ۾ 15 جنوري 1930ع تي ڄائو. هيءُ شروعات ۾ ڳوٺ آراضي، تعلقي سيوهڻ جي پير رئيس حبيب الله شاهه جو خدمتگار هو. شاهه صاحب هڪ ڀيري ڪنهن ڪم سانگي کيس مخدوم نوح جي درگاهه جي گادي نشين مخدوم غلام محمد ’مغموم‘ ڏانهن موڪليو. جنهن کان پوءِ اتي ئي ترسي پيو ۽ مخدوم صاحب جي خدمت ۾ رهي فيض ورتائين. ان کان پوءِ مخدوم طالب الموليٰ جي گادي نشينيءَ واري وقت ۾ سندن ذاتي زمينن جي سار سنڀال لهندو هو. ان دوران مخدوم طالب الموليٰ جي صحبت کيس رڱي ريٽو ڪيو ۽ اڳتي هلي مخدوم طالب الموليٰ جي حلقه ارادت ۾ آيو ۽ سندس صحبت ۽ ڪچهريءَ جي اثر هيٺ بيت، غزل ۽ ڪافيون چيائين. شاعريءَ جي تربيت ۽ اصلاح به مخدوم طالب الموليٰ کان وٺندو هو. سندن ئي مشوري سان شاعريءَ ۾ ’خادم‘ تخلص اختيار ڪيائين. مخدوم صاحب جي صحبت ۾ رهندي ڳائڻ به شروع ڪيائين ۽ پنهنجي توڙي مخدوم طالب الموليٰ جي شاعري پاڻ ڪمپوز ڪري ڳايائين. سندس ڪلام ۽ ڌُنون اڄ به نهايت مقبول آهن، جن جي پيروي نئين ٽهيءَ جا ڪيترا راڳي ڪندي نظر اچن ٿا. مخدوم طالب الموليٰ جا ڪلام نهايت ترنم سان سازن تي ڳائيندو هو. سندس شمار سنڌ جي سٺن ڳائڻن ۾ ٿيندو هو. سنڌ ثقافت کاتي جي تعاون سان دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري داد حاصل ڪيائين. ريڊيو ۽ ٽي. وي تي مقبول ٿيو. هيءُ ’بزم طالب الموليٰ‘ جو به سرگرم رڪن هو. هيءُ 12 مارچ 1992ع تي وفات ڪري ويو. سندس مدفن اباڻي ڳوٺ ۾ آهي.


لفظ حسين بخش خادمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1930.01.15  عيسوي

ناليوارو شاعر ۽ راڳي حسين بخش خادم سروري ولد پير بخش ڀنگر، ڳوٺ سليمان خان کٽياڻ، تعلقي سيوهڻ ضلعي دادوءَ ۾ 15 جنوري 1930ع تي ڄائو.


1992.03.12  عيسوي

هيءُ 12مارچ 1992ع تي وفات ڪري ويو. سندس مدفن اباڻي ڳوٺ ۾ آهي.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اداسي الهبچايو زنئور
ديوان موتيهار
شبير شاهاڻي
خان محمد فقير چانڊيو
عابده پروين
ديدار حسين سمو
استاد نياز حسين
استاد لعل خان گُڪو
ڦوٽو زرداري
زينت شيخ
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون